تحريڪ انصاف، سينيٽ لاءِ پي ڊي ايم جَي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني جا نامزدگي ڪاغذ چيلينج ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ فريد رحمان درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته يوسف رضا گيلاني نامزدگي ڪاغذن ۾ ذڪر ناهي ڪيو ته هو توهين عدالت ڪيس ۾ سزا ڀوڳي چڪو آهي، يوسف رضا گيلاني آرٽيڪل 62 تي پورو نٿو لهي، سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.