بدين ضلعو مهمان پکين جو مقتل بڻيل، جنگلي جيوت کاتي جي اهلڪارن جي ملي ڀڳت سان سامونڊي پٽيءَ سميت ضلعي جي مختلف ڍنڍن نريڙي، ٻاريجي، جھٻو، شڪور، ڪنڊڙي، مڇاري، دفري، گدڙڊهو، ڏيئي ڍنڍ، درماڻو، ڪاٺ، پاندوري، ٻيٻڙي، ڍورنڊي، ڀنڀرلو، پاندو، ڪاڏي، کورو، چوبندي سميت ڪيترن ئي ڍنڍن ڍورن ۾ سياري دوران پهتل مهمان پکين جو غيرقانوني شڪار سرعام جاري آهي. شام ٿيندي ئي سامونڊي پٽي سميت گولاڙچي، بدين ۽ ٽنڊي باگي تعلقي جي مختلف ڍنڍن  ڍورن تي شڪارين پاران پکين جو سرِعام شڪار شروع ٿي وڃي ٿو. واضح هجي ته هر سال وڏي تعداد ۾ پرديسي پکي آڪٽومبر مهيني کان ئي اچڻ شروع ٿي ويندا آھن. مهمان پکين آڙي، نيرڳي، ڪيڻاٺي، چيکلو، ڊگوش، ٿوراندو، پراڙو، سارھيڙي، ڳھڻون، رتونبو، ڪونج، ھنجر، کارڪ، ڦاراھو سميت 30 کان وڌيڪ قسمن جي مهمان پکين جي آمد شروع ٿيندي ئي شڪارين پاران مقامي ماڻهن کي ايڊوانس طور وڏيون رقمون ڏئي شڪار لاءِ موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو آھي. پکين جو شڪار ڪندڙ مقامي شڪاري ھرسال واپاري شڪارين کي مختلف قسمن جا ڄار، پکين جي ٻولين جون آڊيو رڪارڊنگس، بيٽريون، لائيٽون ۽ ٻيو سامان وٺڻ لاءِ ايڊوانس رقم ڏئي بڪنگ ڪرائي ڇڏيندا آھن. شڪاري ايڊوانس طور مليل رقم مان ضروري سامان خريد ڪري ڍنڍن تي ديرا ڄماڻي رڇ ھڻي سرِعام شڪار شروع ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪو  هن وقت وڏي پيماني تي جاري آهي پر جهنگلي جيوت کاتو پرديسي پکين جو غير قانوني شڪار روڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. شڪار ڪيل پکي ضلعي جي مختلف شهرن بدين، گولاڙچي، ماتلي، تلهار، ٽنڊوباگي کان علاوه حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين کاتي جي اهلڪارن جي ملي ڀڳت سان واپارين کي پھچائي ڏيڻ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *