پي ڊي ايم متحد آهي ۽ حڪومت تي هر قسم جو وار ڪندي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ هِن وقت تمام ضروري بڻجي چڪو آهي، ايندڙ ڪجهه مهينا ملڪي سياست لاءِ اهم آهن: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ شديد خطرن ۾ آهي، حڪمران ڪو وڏو بِلنڊَر ڪري سگهن ٿا، اناڙِي حڪمرانن جِي نااهلي سان ملڪ ڪنهن وڏَي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو، حڪومت مان ڇوٽڪارَي لاءِ پي ڊي ايم سمورا آپشنز استعمال ڪندي، پ پ پنجاب جَي جنرل سيڪريٽري چوڌري منظور سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران آصف زرداري چيو ته حڪمرانن کي هاڻي وڌيڪ ڪورونا جَي پويان لِڪڻ نه ڏينداسين، اُهي نه ويڪسين خريد ڪري سگهيا ۽ نه ئي ڪورونا وبا دوران عوام جِي  مدد ڪري سگهيا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *