اسلام آباد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف کان پاڪستان واپس اچڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وڙهڻو آهي ته اسان سڀني کي جيل وڃڻو پوندو. اهڙو اظهار هن پي ڊي ايم اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ذريعن موجب آصف زرداري جو چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو جمهوري قوتن کي ڌانڌلي جو منهن ڏسڻو پيو هجي، مون زندگي جا 14 سال جيل ۾ گذاريا. اسان سينيٽ چونڊون وڙهيون پر اسحاق ڊار ووٽ ڏيڻ نه آيو. هن نواز شريف کي مخاطب ٿي چيو ته اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ عمران خان کي مضبوط ڪرڻ جي برابر آهي، اهڙا فيصلا نه ڪيا وڃن جن سان اسان جون راهون ڌار ٿي وڃن. اسان جي انتشار جو فائدو جمهوريت جي دشمنن کي ٿيندو. آصف زرداري چيو ته اسان پهاڙن تي نه پر پارليامينٽ ۾ رهي وڙهندا آهيون، جيڪڏهن توهان استعيفيٰ چاهيو ٿا ته اسان سڀني کي جيل وڃڻو پوندو، نواز شريف صاحب، اسحاق ڊار سميت وطن واپس اچو، اسان سڀ گڏجي وڙهنداسين. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ميان صاحب جڏهن توهان وطن واپس ايندو ته اسان استعيفائون توهان وٽ جمع ڪرائينداسين. هن نواز شريف کي ڏوراپو ڏيندي چيو ته توهان ڪيئن عوامي مسئلا حل ڪندو؟ توهان پنهنجي دور ۾ پگهارون نه وڌايون، مون پنهنجي دور ۾ پگهارون وڌايون، پارليامينٽ کي اختيار ڏنا، اين ايف سي منظور ڪيو، جنهن جي مونکي ۽ منهنجي پارٽي کي سزا ڏني پئي وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *