اپوزيشن، سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت آئيني ترميم ناڪام بڻائڻ لاءِ سرگرم: پيپلز پارٽي، نون ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) جَي اڳواڻن ۾ رابطا، ٻنهي ايوانن مان ترميم جِي منظوري روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور، سومر تي قومي اسيمبلي جَي اجلاس کان اڳ به اپوزيشن پارٽيز ۾ ٻيهر مشاورت ٿيندي، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت جو ترميمي بل جلد بازي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، وزير اعظم اسميبلي ميمبرز کي ترقياتي بجيٽ نه پر رشوت ڏني.