اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)اين اي 75 سيالڪوٽ جي چونڊ:وزيراعظم عمران خان ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪٻئي جي سامهون ٿي ويا آهن، وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ جاري ڪندي چيو ته اين اي 75 جي 20 پولنگز تي ري پولنگ لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوار کي درخواست ڏيڻ گهرجي،عمران خان وڌيڪ لکيو آهي ته اسان هميشه صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي،ڊسڪا چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول ڪنداسين، مريم نواز ٽوئيٽ جي رد عمل ۾ چيو ته سياڻو ٿيڻ جي وڌيڪ ضرورت ناهي،هڪ ته پوري رياست شينهن جي خوف کان ضمني اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ وقف ڪئي ۽ پوءِ به شڪست کاڌي ته اليڪشن ڪميشن جي عملي کي ئي اغوا ڪرائي ڇڏيو،اهو مطالبو به اوهان پنهنجن ڏوهن تي پردو وجهڻ لاءِ ڪري رهيا آهيو،پر توهان جو چهرو ظاهر ٿي ويو آهي، ووٽ چور….

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *