اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي ڀاءُ سميت من پسند آفيسر غير قانوني مقرر هجڻ جو انڪشاف، پوليس آفيسر سعادت علي ياسين کي غيرقانوني طور مقرر ڪرڻ تي ڊائريڪٽر انڪوائريز ٽو مرتضيٰ ميمڻ عدالت کان اسٽي وٺي ڇڏيو، سعادت علي ياسين کي اينٽي ڪرپشن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انڪوائريز  ٽو مقرر ڪيو ويو ھو، جتان مرتضيٰ ميمڻ کي هٽايو ويو، عدالت  سعادت علي ياسين جي مقرري واري نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جو ڀاءَ ظفر الله ڌاريجو به ڊيپوٽيشن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ويسٽ ڪراچي مقرر ٿيل، غيرقانوني مقررين تي کاتي جي آفيسرن ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *