عزيز آباد ۾ حساس اداري جي مدد سان ڪارروائي ڪندي سي ٽي ڊي ايم ڪيو ايم لنڊن جي دهشتگرد ياسيم عرف ڪامران عرف بٽ عرف ڊاڊا کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي موجب گرفتار دهشتگرد پوليس هلڪار عارف ۽ سندس دوست اڪبر جي ريڪي ڪئي بعد ۾ شڪيل سپنا گروپ جي ٽارگيٽ ڪلرز کين قتل ڪري ڇڏيو. سي ٽي ڊي انچارج موجب دهذشتگرد 2008ع ۾ پي پي آءِ جي ذاڪر کي قتل ڪيو، جڏهن ته هو بلديه سانحي جي مرڪزي ملزم رحمان ڀولا جو ويجهو ساٿي پڻ آهي، ملزم قتل جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *