ايف آءِ اي ڪراچي ۾ ڇاپا هڻي کنڊ جي قيمتن تي سٽيبازي ڪندڙن 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ ديال داس، سنتوش ڪمار ۽ راج ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن، ايف آئي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار کنڊ تي سٽيبازي ۾ ملوث آھن، سٽيبازي سبب کنڊ جون قيمتون اوچتو وڌي ويون، ايف آئي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوبدار سوشل ميڊيا ۽ جعلي اڪائونٽس ذريعي سٽو ھڻندا ھئا،جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڌار ڌار ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون آهن، جوابدارن جي قبضي مان موبائيل فون، کنڊ جي خريد و فروخت جو رجسٽر ۽ ٻيون شاھديون ھٿ ڪيون ويون آهن، ايف آئي اي اختيارين موجب جوابدارن ڪيترو کنڊ خريد ۽ وڪرو ڪيو، ڪيترو کنڊ ڪسٽمرن تائين پھچايو، سموريون شاھديون ملي ويون آهن، اختيارين موجب گرفتار ڪيلن جو انگ 7 ٿي ويو آهي، جوابدارن جي غيرقانوني سرگرمين سبب کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، کنڊ جون قيمتون وڌڻ کانپوءِ شوگرملز، بروڪرز ۽ ايجنٽس تي ڪرڙي نظر رکي وئي ھئي، اطلاع تي ڪراچي ۾ ڇاپو ھنيو ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *