امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار احمد عمر شيخ جا جيل ۾ به دهشتگردن سان رابطا هجڻ جو انڪشاف، سپريم ڪورٽ ۾ ڊينيئل پرل ڪيس تي ٻڌڻي دوران اي جي سنڌ، صوبائي حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو، احمد عمر شيخ وٽان جيل مان 7 موبائيل فون ۽ سِمز هٿ ڪرڻ جي به دعويٰ،  ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه پڇيو ته احمد شيخ طرفان جيل ۾ به موبائيل فون استعمال ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ اي جي سنڌ چيو ته جوابدار طرفان جيل مان دهشتگردن سان رابطو ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي، احمد عمر ملڪ دشمنن جو ايجنٽ آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته احمد عمر کي حراست ۾ رکڻ واري حڪمنامي ۾ دشمن ايجنٽ جو ذڪر ئي نه آهي، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته احمد عمر کي هو پاڻ نه، پر عدالت دشمن قرار ڏئي، سنڌ سرڪار جي درخواست تي اٽارني جنرل ۽ چئني صوبن جي اي جيز کي نوٽِسز جاري، عدالت احمد عمر شيخ ۽ ٻين جوابدارن جي آزادي بابت هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *