ڪراچي اليڪشن ڪميشن ٽريبونل پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله ابڙو جي ٽيڪنوڪريٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي کيس سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو.اليڪشن ٽريبونل ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله ابڙو جي سينيٽ اليڪشن ۾ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي حصو وٺڻ بابت نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران هن جي وڪيل چيو ته سيف الله ابڙو جي خلاف اليڪشن ٽريبونل ۾ اپيل ٻڌڻي جوڳي نه آهي، اليڪشن قانون موجب اپيل ڪندڙ جي اپيل کي ٻڌي به نٿو سگهجي، جڏهن ته سيف الله ابڙو جي خلا ف اپيل ڪرڻ وارو مصطفيٰ ميمڻ پاڻ اميدوار به ناهي. ان موقعي تي اپيل ڪندڙ وڪيل رشيد اي رضوي چيو ته جيڪڏهن ٺيڪيدار کي ٽيڪنو ڪريٽ جو اميدوار تسليم ڪنداسين ته سڀاڻي سينيٽ ٺيڪدارن سان ڀريل هوندي، رشيد رضوي جي اهڙي دليل تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.بعد ۾ الڪيشن ٽريبونل ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته سيف الله ابڙو جي خلاف اپيل ۾ لڳايل اعتراض ثابت ٿي چڪا آهن ۽ هو ٽيڪنو ڪريٽ جي معيار تي پورو نٿو لهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *