اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏي، عوام هاڻ فيصلو وٺڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي اوهان کي صرف گهبرائڻو ناهي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي ترجمان  پنهنجي بيان ۾ چيو ته سموريون ريليون اليڪشن ڪميشن وڃڻ جي لاءِ ڪشمير چوڪ تي جمع ٿينديون. عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل آهي ته هو اليڪشن ڪميشن پهچن. هنن جي چوري پڪڙي وئي آهي ۽ چور ڏوهه  به مڃي ورتو آهي.

فارين فنڊنگ ڪيس ۾  مُک جوابدار عمران خان ڏوهه جو به اعتراف ڪري چڪو هاڻ اليڪشن ڪميشن ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪري.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران صاحب! فارين فنڊنگ ذريعي ڪيل سازش جي حساب وارو ڏهاڙو اچي چڪو آهي. عمران صاحب تلاشي دوران اوهان سڳ سوڌو پڪڙجي چڪا آهيون. ان لاءِ عوام هاڻ فيصلو وٺڻ اچي رهي آهي اوهان کي بس هاڻ گهبرائڻو ناهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *