اسلام آباد (بيورو رپورٽ) الطاف حسين گروپ کي ڀارتي ايجنسي را طرفان فنڊنگ ڪئي وئي، افغانستان ۾ موجود ڀارتي ڪرنل راجيش دهشتگرد تنظيمن سان رابطي ۾ آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته افغانستان ۾ ڀارت جا تربيتي مرڪز موجود آهي، ڀارتي ايجنسي را پنهنجي فرنٽ مينز کي ٽئين دُنيا جي ملڪن ذريعي فنڊز ڏيندي آهي، ڀارت ڪيترين ئي دهشتگرد تنظيمن جي مالي مدد سان گڏ اُنهن کي آپگهات جيڪيٽس ۽ ٻيا هٿيار مهيا ڪري رهيو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ڀارت طرفان پاڪستان ۾ اهم شخصيتن کي قتل ڪرڻ لاءِ به منصوبو جوڙڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *