اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي نيب تي الزامن بعد وزير اعظم جَي احتساب بابت خاص معاون شهزاد اڪبر کي ايوان ۾ طلب ڪري ورتو، ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين سان نيب جي معاملي تي ڊگهي ملاقات ٿي، نيب جي اثاثن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين واري معاملي تي به ڳالهيون ٿيون، اسان نيب جي معاملي ۾ بليم گيم نه پيا ڪريون، حڪومت ۽ نيب سمجهن ٿيون ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي ته بريفنگ ڏين، چاهيون ٿا ته نيب معاملي جو اتفاق راءِ سان حل نڪري وڃي.