اسلام آباد  بلاول ڀٽو بي اعتمادي واري رٿ جي ڳالهه ڪري عمران خان کي آئيني وزيراعظم تسليم ڪري ورتو آهي، هاڻي کيس سليڪٽيڊ وزيراعظم ڪوٺڻ بند ڪيو وڃي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت اتحادين سان گڏجي بي اعتمادي واري رٿ جو مقابلو ڪندي ۽ اپوزيشن کي شڪست ڏينداسين، پي ڊي ايم غير فطري اتحاد آهي ۽ اُن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا آهن، براڊ شيٽ معاملي جا معاهدي پي ٽي آءِ سرڪار نه ڪيا هئا، چاهيون ٿا ته جاچ ذريعي سموريون شيون منظرعام تي اچي وڃن، اپوزيشن جو دامن صاف آهي ته تنقيد بدران جواب ڏئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *