اسلام آبادپي ٽي آءِ حڪومت پنجاب ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ مسلم ليگ ق کي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي وئي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ مسلم ليگ ق کي ڏني ويندي ۽ ان بابت تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ جي قيادت وچ ۾ معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ تي گهٽ ۾ گهٽ 48 ووٽ گهربل آهن ۽ مسلم ليگ ق وٽ پنجاب اسيمبلي ۾ صرف 10 ووٽ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته  ق ليگ طرفان ڪامل علي آغا مضبوط اميدوار آهي ۽ وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي وچ ۾ سينيٽ اليڪشن جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *