اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن جي شڪي ٺڪاڻن تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ عليم خان گروپ جا 3 دهشتگرد مارجي ويا.

دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا تاوان ۾ ملوث هئا. ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات دوران به مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز خلاف آپريشن دوران  4 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *