اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ لاءِ غيرقانوني فنڊز وٺڻ جا ذميوار ايجنٽس قرار، پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي آڏو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته امريڪا جي ٻن ڪمپنيز پي ٽي آءِ لاءِ غيرقانوني طور فنڊز گڏ ڪيا ته اُن جي ذميواري ڪمپنيز جي ايجنٽس تي اچي ٿي، عمران خان منع ڪيل ذريعن سان فنڊز گڏ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ واري مامري ۾شامل نه آهي، پارٽي کي امريڪا کانسواءِ ٻين ملڪن مان پاڪستاني شهرين فنڊز ڏنا هئا، اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ امريڪا مان غيرقانوني طور فنڊز ملڻ جو اعتراف ڪيو، الزام وري ايجنٽس مٿان لڳائي ڇڏيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *