اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)آئين جي آرٽيڪل 59 ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ ڳجهي ووٽن جو ذڪر ٿيل نه آهي، آرٽيڪل 63 اي سينيٽ چونڊن تي لاڳو نٿو ٿئي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جا سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، اليڪشن ڪميشن سينيت چونڊن جي ووٽرز لاءِ هدايتنامي جون ڪاپيز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي اٽارني جنرل چيو ته سينيت چونڊن ۾ پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ تي ڪابه سزا نه آهي، جنهن کي پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻو آهي ته کُليل نموني ڏئي سگهي ٿو، سزا رڳو ووٽن جي خريداري ۽ وڪري تي ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته نواز ليگ ۽ پ پ ميثاق جمهوريت ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ ڳجهي طريقيڪار کي ختم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو، افسوس آهي جو ٻئي جماعتون معاهدي تان ڦري ويون، ميثاق جمهوريت اڃا موجود آهي، پر اُن تي صحيح ڪندڙ پارٽيز عمل نٿيون ڪن، آئين پاڻ ئي هڪ سياسي دستاويز آهي، آئين جي تشريح وقت عدالت سياسي ڪم ڪري رهي هوندي آهي،جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ووٽ جي سيڪريسي رڳو بيلٽ باڪس تائين هوندي آهي، ڇا شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن ووٽ جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو، اي جي سنڌ چيو ته اليڪشن ڪميشن ائين نٿو ڪري سگهي، عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *