اسلام آباد  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي حل نه ٿيل مسئلن سبب سڄو خطو غربت جو شڪار ٿي ويو، اسلام آباد ۾ جاري سيڪيورٽي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي، ايشيا جا مسئلا حل ٿيڻ سان خطو خوشحال ٿيندو، ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي، افغانستان ۾ امن جي قيام ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو آهي، آرمي چيف چيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڊائيلاگ وقت جي اهم ضرورت آهي، اڄ دنيا مختلف طرز جي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ پاڪستان به ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. آرمي چيو آهي ته پاڪستان سيڪيورٽي خطرن باوجود دفاع تي گهٽ خرچ ڪري رهيو آهي، سيڪيورٽي تي وڌيڪ خرچ وڌائڻ سان انساني ترقي جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي، دهشتگردي تي قابو آڻڻ لاءِ ترقي يافته علائقن کي ترقي ڏني پئي وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *