شير محمد کهاوڙ

                        اڄ اسان ٻنهي جهانن جي سردار جي ولادت جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. عرب جي هڪ خاتون حضرت عبدالله کي شادي جي بدلي وڏي ڌن ۽ دولت ڏيڻ آڇ ڪئي پر حضرت عبدالله سندس اها آڇ قبول نه ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ ساڳي عورت جڏهن حضرت عبدالله کي ڏٺو ته حيرت وچان کانئس پڇيو ته اي عبدالله ڇا تون شادي ڪري ڇڏي؟ حضرت عبدالله کيس هاڪاري ۾ جواب ڏيندي چيو ته ها مون شادي ڪري ڇڏي پر اها خبر توکي ڪيئن پئي؟ ان تي هن عورت چيو ته اڳ جڏهن مون توکي ڏٺو هو ته تنهنجي پيشاني مان مونکي هڪ نور جي چمڪ نظر آئي هئي جيڪا هاڻي نظر نه آئي جنهن مان مون اندازو لڳايو ته تون شادي ڪري ورتي آهي. گهڻا سال اڳ اها ڳالهه محترم علي گوهر کهاوڙ ۽ مون کي مرحوم سائين علي احمد بروهي ٻڌائي هئي پر سال ڏيڍ اڳ جڏهن مون علامه باقر مجلسي جو ڪتاب سيرت رسول پڙهيو ته ان ۾ هي واقعو وڌيڪ تفصيلن سان بيان ٿيل نظر آ يو. اڄ جن حالتن ۾ اسان نبي سائين جي ولادت جي خوشي ملهائي رهيا آهيون ان موقعي تي اهو ڏک ۽ افسوس  به ٿئي ٿو ته جنهن شخصيت غريب ۽ امير، گوري ۽ ڪاري ۾ فرق ختم ڪيو، عورتن کي سماجي حق ڏنا، علم کي فرض قرار ڏنو، سماجي انصاف ۽ معاشرتي اڻبرابري خلاف عملي قدم کنيا، اهڙي اعليٰ آدرشي شخصيت جي شان ۾ گستاخي کي دنيا ۾ جائز قرار ڏنو پيو وڃي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا ڪيتري وحشي بڻجندي پئي وڃي.

                        ڏهه پندرهن سال اڳ مان ۽ ڄام سيف الله ڌاريجو ڪي ٽي اين تي منظور شيخ جو پروگرام ڪري ٻاهر نڪتاسين ته اسٽوڊيو جي ٻاهران بيٺل هڪ همراهه چيو ته علي صاحب چيو آهي ته مون سان چانهه پي پوءِ وڃجو. اسان سندس ڪمري ۾ وياسين، تن ڏينهن ۾ ناروي ۾ حضور سائين جن جي گستاخي ۾ ڪارٽون ڇاپيا ويا هئا. جنهن ڪري مسلمانن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل هئي. ڪچهري ۾ اها ڳالهه نڪتي ته مون علي صاحب کان پڇيو ته ڇا توهان اهي خاڪا ڏٺا آهن؟ جنهن تي سندس چوڻ هو ته نه سائين الله نه ڏيکاري! مون ٽي وي تي علي قاضي جا سوين تجزيا ڏٺا ۽ ڪالم پڙهيا پر مونکي نه ته سندس ڪو تجزيو ياد آهي ۽ نه وري ڪو ڪالم پر سندس اهو ٽن چئن اکرن وارو جملو جيڪو هن نبي سائين جي حوالي سان چيو ته نه سائين نه، الله نه ڏيکاري مونکي اڃا سوڌو ياد آهي. انهن ڏينهن کان وٺي يورپ جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ يا آمريڪا جي ڪنهن نه ڪنهن رياست ۾ ٿوري ٿوري وقفي سان سائين جن جي توهين جي حوالي سان ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهي ٿو. اهو عمل هيٺين سطح تي هوندو هو پر ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي جو هاڻي ته اهو ڪم حڪومتي سطحن تي ٿيڻ لڳو آهي جنهن جو تازو مثال فرانس جي صدر ايمينوئل ميڪخوان جو آهي جنهن انهن خاڪن کي شايع ڪرڻ ۽ ديوارن تي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

                        پيرس جي هڪ استاد سيموئل پيٽي اهي خاڪا پنهنجن شاگردن کي ڏيکاريا هئا جنهن سان دنيا جي ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ٿي. ان واقعي کان پوءِ سيموئل کي قتل ڪري سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو جڏهن ته سندس قاتل کي پوليس گرفتار ڪرڻ بجاءِ گوليون هڻي ماري ڇڏيو جيڪو ماووراءِ عدالت عمل هو. جنهن کان پوءِ معاملي کي ٿڌي ڪرڻ بجاءِ فرانس جي صدر جو اهڙو سخت بيان آيو جنهن جي سوشل ميڊيا تي سڄي دنيا مان مذمت ڪئي پئي وڃي. سيموئل جي قتل کان پوءِ پيرس جي ان مسجد کي ڇهن مهينن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو جتان گذريل جمعي تي سوشل ميڊيا لاءِ وڊيو جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سيموئل پيٽي پنهنجن شاگردن کي نبي سائين جن جا گستاخانه خاڪا ڏيکاري رهيو هو. ان موقعي تي سيموئل جي گهر جو پتو به ٻڌايو ويو هو جنهن کان پوءِ سندس قتل ٿيو . هن قتل خلاف لکين فرانسيسي شهرين احتجاج به ڪيو. ٻين لفظن ۾ فرانسيسي حڪومت واقعي جو ذميوار مسجد کي قرار ڏئي رهي آهي. فرانس جي صدر طرفان ڏنل اهڙي بيان کان پوءِ ڪالهه فرانس جي شهر نيس جي ڪليسا ۾ عبادت ڪندڙن تي چاقن سان ڪيل حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ماڻهو مارجي چڪا آهن. نيس جي ميئر ڪرسٽين ايسٽرو جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙن مان هڪ شخص گرفتار ٿيو آهي. هن هن حملي کي اسلامو فاشزم قرار ڏنو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ هڪ مائي جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جي خاتمي وارو فرانسيسي ادارو هن واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي ميئر جو اهو به چوڻ آهي ته حملي ڪندڙ وڏي واڪي الله اڪبر جا نالا هڻي رهيا هئا. مارجي ويندڙن ۾ چرچ جو هڪ خادم به شامل آهي. فرانس جي پرڏيهي معاملن واري وزير ڪليسا واري پاسي وڃڻ کان ماڻهن کي روڪيو آهي جڏهن ته گهرو معاملن واري وزارت واقعي تي ويچار ۽ احتياطي قدم کڻڻ لاءِ هنگامي اجلاس ڪوٺايو آهي. واقعي وقت فرانس جي قومي اسيمبلي جو اجلاس به هلي رهيو هو جنهن ڪري مارجي ويندڙن سان ٻڌي طور هڪ منٽ جي خاموشي به اختيار ڪئي وئي. فرانس جي مسلمانن جي ڪائونسل، ڪليسا ۾ ٿيل چاقن واري حملي جي مذمت ڪندي مارجي ويندڙن ۽ پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته هن واقعي کان اڳ چوڏهن جولاءِ ٻه هزار سورهن تي نيس ۾ هڪ ايڪٽيهن ورهين جي نوجوان پنهنجي تيز رفتار ٽرڪ فٽپاٿ تي بيٺل هجوم مٿان چاڙهي هئي جنهن ۾ ڇهاسي ماڻهو مارجي ويا هئا. هن واقعي کي فرانس جي هاڻوڪي تاريخ ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو قرار ڏنو ويو هو.

                        هڪ طرف سڄي دنيا جي مسلمانن کي فرانس جي صدر جي بيان تي ڏک ۽ تڪليف پهتي آهي جيڪي ان جي مذمت ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري فرانس جي رسالي چارلي ايبڊو ترڪي جي صدر طيب اردگان جو ڪارٽون ڇاپيو آهي جنهن فرانس جي شين جي خريدڻ جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪئي هئي.

                        مسلمانن جي آبادي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌي چڪي آهي، دنيا ۾ ڇاونجاهه مسلمان ملڪ آهن، دنيا جو شايد ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جنهن ۾ مسلمان آباد نه هجن، ڪٿي ڪٿي ته غير مسلم ملڪن ۾ به سندن آبادي ڪروڙن ۾ آهي. ان جي باوجود هو عام استعمال جون شيون اهڙيون نٿا ٺاهن جنهن تي ماڻهو ڀروسو ڪن ۽ اطمينان ۽ سڪون سان استعمال ڪن ۽ ٻين ملڪن جي شين جي خريداري ڏانهن اسان جو ڌيان نه وڃي.هن وقت اسان جي حالت اها آهي جو ڪڏهن ناروي ۾ ته ڪڏهن فرانس ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ٻي ملڪ ۾ جڏهن ههڙي قسم جا واقعا پيش اچن ٿا ته اسان انهن ملڪن جي شين جي يا اسرائيل جي شين جي خريداري جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪريون پر پاڻ ايمانداري سان سٺيون شيون ٺاهڻ لاءِ تيار ناهيون.

                        نيس شهر جي ڪليسا ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي ان جي ڪو به شخص خاص ڪري سٺي سوچ ۽ سمجهه رکندڙ مسلمان حمايت ڪري نٿو سگهي. هونئن به غلط ڪم فرانس جي صدر ڪيو آهي جنهن جي بدلي ۾ بيگناهه ماڻهن جو قتل ۽ هڪ عورت جو سر قلم ڪرڻ جي ڪير به حمايت ڪري نٿو سگهي. واقعي جي جاچ لاءِ گهرو معاملن واري وزارت جو اجلاس به ٿي رهيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي وارو ادارو جاچ به ڪري رهيو آهي، هنن ادارن کي گهرجي ته هو جاچ شفافيت سان ڪن جنهن ۾ فرانس جي صدر جي بيان کي به نظر ۾ رکن جنهن نفرت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. فرانس جي صدر جي بيان جي پاڪستان جي پارليامينٽ  به مذمت ڪري چڪي آهي جنهن فرانس جي سفير کي واپس گهرائڻ جو مطالبو به ڪيو. جنهن جو ٿلهي ليکي مطلب اهو ته فرانس سان ان وقت تائين سفارتي تعلقات ختم ڪيا وڃن جيستائين فرانس جو صدر معافي وٺي. اسان جي پرڏيهي معاملن واري وزير شاهه محمود قريشي کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان فرانس مان سفير کي واپس گهرائيندو جنهن جو جواب هو ته پاڪستان فرانس مان سفير کي صلاح مشوري لاءِ گهرائي سگهي ٿو. خبر ناهي هو عوام کي ڇا ٿا سمجهن. انٽرنيٽ جي زماني ۾ به صلاح مشوري لاءِ سفير کي گهرايو پيو وڃي! اها ڳالهه قريشي صاحب کان ڪير پڇي، جيڪو هن حساس معاملي تي به سياسي بيان ڏئي رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته گذريل ٽن مهينن کان فرانس ۾ پاڪستان جو سفير موجود ڪونهي.

                        اڄ اهڙي عظيم هستي جي ولادت جو ڏينهن آهي جنهن جي حياتي مبارڪ ۾ جڏهن ڪنهن سندس شان ۾ گستاخي ڪئي ته پاڻ کيس معاف ڪري ڇڏيائين. تاريخ جا صفحا اهڙن ڪيترن ئي واقعن سان ڀريا پيا آهن. اڄ دنيا کي نفرت نه پر محبت ۽ امن جي ضرورت آهي، دنيا کي پرامن بڻائڻ لاءِ نبي سائين جي سيرت تي عمل ڪرڻو پوندو!

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *