شير محمد کهاوڙ

شير محمد کهاوڙ

سڀاڻي ويهه جنوري تي آمريڪا ۾ ٿيندڙ اقتدار جي منتقلي واري تقريب ڏانهن دنيا جو ڌيان ڇڪيل آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو صدارتي عهدي جي تقريب وقت، آمريڪا جي پنجاهه رياستن ۾ امن امان جي حوالي سان خاص قدم کنيا ويا آهن.گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي کي فوج حوالي ڪيو ويو آهي، جتي وڏا وڏا شاپنگ سينٽر ۽ بازارون بند ڪيون ويون آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڇهه جنوري جهڙا واقعا وري پيش نه اچن، جن جي نتيجي ۾ ڪيپٽل هلز تي ٿيل ڪاهه ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا هئا، جنهن کان پوءِ صدر ٽرمپ خلاف مواخذي جون ٻه تحريڪون بحال ڪيون ويون هيون.

آمريڪا جي تحقيقاتي اداري ايف بي آءِ خبردار ڪيو آهي ته جيئن ويهه جنوري تي وري ڇهه جنوري واري تاريخ نه ورجائي وڃي، ان ڪري نيشنل گارڊز جي ڪيترن ئي فوجي دستن کي واشنگٽن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي. ايف بي آءِ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ان ڏينهن تي صدر ٽرمپ جا هٿياربند حامي وڳوڙ ڪري سگهن ٿا.

ٻي طرف اقتدار جون واڳون سنڀالڻ کان اڳ جو بائيڊن جي ٽيم هڪ منصوبو جوڙيو آهي جنهن هيٺ جو بائيڊن جي عهدي جي قسم کڻڻ کان رڳو چنڊ ڪلاڪ گذرڻ بعد ئي هڪ صدارتي حڪنامو جاري ڪيو ويندو جنهن جي نتيجي ۾ صدر ٽرمپ طرفان ڪيل فيصلا ختم ڪري آمريڪا کي وري پئرس ٺاهه جو حصو بڻايو ويندو. جيڪو عالمي سطح تي ڪاربان جي اخراج ۽ ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻ جو ٺاهه آهي. ان سان گڏ جن اسلامي ملڪن جي شهرين تي آمريڪا جي سفر تي پابندي وڌي وئي هئي اها پڻ ختم ڪئي ويندي. اهي پڻ اشارا ڏنا پيا وڃن ته جو بائيڊن به پنهنجن پاليسين تي تيزي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڪانگريس کي باءِ پاس ڪندو ۽ قانونسازي کان اڳ صدارتي احڪامن کان ڪم وٺندو.

جو بائيڊن جنهن وقت پنهنجي عهدي جو قسم کڻي رهيو هوندو ان وقت واشنگٽن شهر جي وڏي حصي ۾ لاڪ ڊائون هوندو. جتي هزارين فوجي پنهنجون ڊيوٽيون ڏئي رهيا هوندا. ڪيپٽل هلز ۾ ته سيڪيورٽي جا سخت انتظام هوندا ئي پر واشنگٽن شهر جا رستا ڪيترائي ميل پري پري تائين بند ڪيا ويندا. آمريڪا جي سيڪريٽ سروسز جي سفارش تي نيشنل مال کي به بند ڪيو ويو آهي، جتي هزارن جي تعداد ۾ خريدار موجود هوندا آهن. سيڪريٽ سروسز آمريڪا جو اهڙو ادارو آهي جيڪو آمريڪا جي صدر ۽ صدر رهندڙ شخصيتن جي حفاظت ڪندو آهي. پوءِ ڀلي اهي پنهنجن عهدن تان هٽي ويا هجن.

ڪورونا جي ڪري جو بائيڊن جي ٽيم اڳ ۾ آمريڪا جي شهرين کي واشنگٽن جو سفر نه ڪرڻ ۽ قسم کڻڻ واري تقريب ٽي وي تي ڏسڻ واري گذارش ڪري چڪي آهي. تقريب کي پرامن بڻائڻ لاءِ گرفتارين جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جنهن به ماڻهو ۾ شڪ پوي ٿو هو ان کي گرفتار ڪري وٺن ٿا. جيتوڻيڪ آمريڪا جي پنجاهه ئي رياستن ۾ حفاظتي اپاءُ ورتا ويا آهن پر جن رياستن ۾ جو بائيڊن ۽ ٽرمپ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو اتي اڃا به وڌيڪ سخت حفاظتي انتظام ڪيا پيا وڃن. ڊائريڪٽر پوليس جو گيسپر جو چوڻ آهي ته پوليس فيبروري جي وچ تائين رستن ۽ اهم هنڌن تي موجود رهندي.

ڇهه جنوري وارن واقعن کان پوءِ عالمي مبصر کلي ڪري ان راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن ته صدر ٽرمپ جي چئن ورهين واري اقتدار دوران دنيا ۾ آمريڪا پنهنجي طاقت، وقار ۽ اثر وڃايو آهي. ٽرمپ پنهنجي جنوني طبيعت جي ڪري هٿيارين ۾ ڪمي واري ٺاهه کان آمريڪا کي الڳ ڪري ڇڏيو، هو ايران سان ٿيل جوهري هٿيارن واري ٺاهه کان به علحدگي اختيار ڪري ويو جنهن ڪري دنيا ۾ آمريڪا جي بدنامي ۾ واڌ آئي جڏهن ته ماحول جي بهتري لاءِ پڻ ڪيل اهم ٺاهه کان هن آمريڪا کي الڳ ڪري ڇڏيو. ٽرمپ پرڏيهه ۾ مقرر ڪيل آمريڪي فوجون گهٽائڻ جي ڳالهه ته ڪئي پر ان جي بدلي ۾ ڪو سفارتي حل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسرائيل، سعودي عرب ۽ ترڪي جهڙن ملڪن به پنهنجي بچاءُ لاءِ آمريڪا تي ڀاڙڻ گهٽائي ڇڏيو. هنن اهو سمجهي ڇڏيو ته ٽرمپ جي مزاج ۾ مستقل مزاجي نالي ڪا شئي ناهي. عالمي مبصرن ٽرمپ بابت اها به راءِ قائم ڪري ورتي ته هو پنهنجن هنن اتحادي ملڪن بجاءِ جتي جمهوري آدرشن تي عمل ڪيو ويندو آهي آمراڻي مزاج وارن حڪمرانن جو گهڻو قدر ڪندڙ شخص آهي. آمريڪا جنهن جمهوريت جي حوالي سان دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي هئي، سندس حڪومت ۾ آمريڪا پنهنجي اها سڃاڻپ به وڃائي ويٺو، جنهن جو روس ۽ چين ڀرپور فائدو حاصل ڪيو. جن جو اثر سڄي دنيا ۾ وڌيو، عالمي مبصر سمجهن ٿا ته اڄ ٽرمپ جي ڪري آمريڪا جي بچاءِ ۽ سيڪيورٽي واري پاليسي وڏي بحران مان گذري رهي آهي.

گذريل هفتي آمريڪا جي فوجي قيادت طرفان جاري ڪيل ان بيان کي به وڏي اهميت حاصل آهي جنهن ۾ ڪيپيٽل هلز تي حملي کي آئين ۽ قانون تي وار قرار ڏنو ويو هو. اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هن حملي ۾ ريپبلڪن جا ڪانگريس جا ٽي ميمبر ملوث هئا. جڏهن ته هڪ آپگهات ڪري ورتو. هڪ گرفتار جوابدار ڪليولينڊ ميريڊٿ جونيئر جي ان انڪشاف ته دنيا کي ويتر حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته جنهن ۾ هن چيو هو ته مون ڪانگريس جي اسپيڪر نينسي پلوسي ۽ واشنگٽن جي ميئر مريل بائوذر کي قتل ڪرڻ لاءِ گن ۽ سوين گوليون آنديون هيون. هوڏانهن نيويارڪ ۾ ٽرمپ جي ڪمپنين کي مليل ٺيڪا ختم ڪرڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، ٽرمپ جي زال ميلينا اڳ ۾ چئي چڪي آهي ته هو ٽرمپ جي صدارتي مدي ختم ٿيڻ شرط کانئس طلاق وٺندي. اڄ آمريڪي ماهر چئي رهيا آهن ته ڊونلڊ ٽرمپ وڏي محنت سان بزنس ايمپائر تيار ڪئي هئي پر سندس صدارت جي چئن ورهين دوران هن پنهنجي سموري محنت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. ٽرمپ جي حڪومت جي طريقيڪار ۽ ڪيپٽل هلز تي ڪرايل حملي کان پوءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون سندس ڪاروبار کان علحدگي اختيار ڪري رهيون آهن. جو بائيڊن کي صدارت جي عهدي جي قسم کڻڻ کان پوءِ هڪ طرف ٽرمپ جي ڪيل گند کي صاف ڪرڻو آهي ته ٻي طرف وري چين ۽ روس جي وڌندڙ اثر رسوخ سان به منهن ڏيڻو آهي. جو بائيڊن جي حڪومت دنيا ۾ آمريڪا جي وڃايل وقار کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿئي ٿي اهو ته اسان کي وقت ٻڌائيندو پر سڀاڻي ويهه جنوري تي هڪ بيوقوف شخص مان دنيا جي جند  ڇٽندي! اڄ دنيا جي بيوقوف شخص جي اقتدار جو آخري ڏينهن آهي.!

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *