شير محمد کهاوڙ

شير محمد کهاوڙشير محمد کهاوڙ

                مولانا فضل الرحمان، نواز شريف ۽ مريم نواز عمران خان کي نااهل ۽ نالائق قرار ڏيندا آهن. هو ٻئي اقتدار کان ٻاهر آهن، اسان جو نوجوان اڳواڻ جناب بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم عمران خان کي نااهل ۽ نالائق هجڻ سان گڏ سليڪٽڊ جو طعنو به ڏيندو آهي، جنهن جي ملڪ جي چئن صوبن مان ٻئي نمبر وڏي صوبي يعني سنڌ تي گذريل تيرهن ورهين کان لڳاتار حڪومت آهي. هو پنهنجن جلسن، پريس ڪانفرنسن ۽ ايوان ۾ عمران خان تي سخت تنقيد ڪندو آهي ۽ سندس نااهلي ۽ نالائقي جا قصا ٻڌائيندو آهي، جن سان وڏي حد تائين اتفاق به ڪري سگهجي ٿو.

                جناب بلاول جڏهن عمران خان جي ناڪامين ۽ پنهنجي حڪومت جي ڪارنامن جي ڳالهه ڪندو آهي ته ان مان لڳندو آهي ته هو نه ٽي وي ٿو ڏسي نه وري اخبارون ئي پڙهي ٿو. جيڪڏهن سندس ٿوري گهڻي به ٽي وي يا اخبارن ۾ خبرن سان دلچسپي هجي ها ته جيڪر اکيون ٻوٽي سنڌ حڪومت جي حمايت نه ڪري ها. سنڌ حڪومت جنهن جو چيف ايگزيڪيوٽو سيد مراد علي شاهه انتهائي ذهين ۽ زيرڪ سياستدان آهي، ان جي حڪومت بابت بدعنوانين جون خبرون نظرن مان گذرن ٿيون ته دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي.

                بلاول صاحب، سومر تي اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي خدمت ۾ ٻاويهه ڪروڙ چاليهه لک ايڪهتر هزار رپين جو چيڪ پيش ڪيو. خبر اٿو، اهو چيڪ ڪنهن انعامي اسڪيم هيٺ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي نه مليو آهي پر هي اها بدعنواني جي رقم آهي جيڪا روشن سنڌ پروگرام ۾ ڪيل بدعنوانين مان ٺيڪيدارن جي کيسن مان ڪڍي وئي آهي. ڪيڏي نه ڏک، افسوس ۽ شرم جي ڳالهه آهي جو جيڪا حڪومت بلاول جي چوڻ تي سنڌ جي ٻيٽن تي مالڪي جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ ۾ دير نٿي ڪري اها حڪومت روشن سنڌ پروگرام جهڙي سهڻي نالي ۾ سنڌ کي ڪيئن اونداهو ۽ برباد ڪري رهي آهي. نيب جي راولپنڊي واري ڊئريڪٽر جنرل عرفان منگي جو ان موقعي تي چوڻ هو ته جڏهن اسان روشن سنڌ پروگرام هيٺ ميونسپل ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين وارن شهرن ۾ سولر سسٽم هيٺ لائيٽون لڳائڻ جي جاچ ڪئي ته خبر پئي ته اهي ٺيڪا غير قانوني طور تي ڏنا ويا، جن اڻويهه ٺيڪيدارن کي اهي ٺيڪا ڏنا ويا هئا انهن ڪوڙن اڪائونٽن ۾ رشوت واري رقم جمع ڪرائي. اهي ٺيڪيدار ڏاڍا هوشيار، چالاڪ ۽ بي رحم هئا جن مارڪيٽ مان اهي شيون جن جو ملهه ڇهن سون کان ٻه هزار رپيا هو، رڪارڊ ۾ سٺ سٺ هزار رپين ۾ خريد ڪيل ڏيکاريون آهن. ان سان گڏ سولر لائيٽن کي چارج ڪرڻ وارا سولر چارجر ڪنٽرولر خريد ئي نه ڪيا ويا. الزام هيٺ آيل ٺيڪيدارن کان پلي بارگين هيٺ ٽيهه ڪروڙ پنجاهه لک رپيا وصول ڪيا ويا جن مان ٻاويهه ڪروڙ چاليهه لک رپين جو چيڪ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ڏنو ويو، هي آهي پاڪستان جو قانون. ڪرپشن ڪريو، پوءِ جاچ ۾ بدعنواني واري اڌ رقم موٽائي ڏيو جنهن مان نيب وارا پنهنجو حصو ڪڍي باقي رقم وفاقي يا صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪندا. بدعنواني ڪندڙ کي ٻي ڪا به سزا نه ملندي، نيب وارن لاءِ انعام هو رڪوري نه ڪندا ته پگهار کڻندا پر جيڪڏهن رڪوري ڪندا ته انعام. سبحان الله.

                نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته هنن کنڊ واري اسڪينڊل مان حاصل ڪيل رقم مان ڏهه ارب رپيا سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيا آهن، انهن پاڻ ڪيترا جهليا آهن اهو هنن نه ٻڌايو. نيب غير قانوني طور تي الاٽ ڪيل ٻه پلاٽ به سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري چڪي آهي جن جي ماليت پنجاهه ڪروڙ رپيا آهي. اهڙي ريت نيب اسٽيل مل لاءِ الاٽ ڪيل پنج سئو ڇهه ايڪڙ زمين مان ٽي سئو ايڪڙ به سنڌ حڪومت کي واپس ڪرائي چڪي آهي جيڪا غير قانوني طور تي الاٽ ڪئي وئي هئي.

                بلاول صاحب، توهان جو نظرون اسلام آباد تي آهن، توهان کي مستقبل جو وزيراعظم ٿيڻو آهي، جي ٿيو، ڀلي ٿيو، اسان جون اکيون ٿڌيون پر توهان وزيراعظم تڏهن ٿي سگهندا جڏهن توهان باقي ٽن صوبن جي ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته سنڌ ۾ توهان جي حڪومت آهي جيڪا شفافيت سان هلي رهي آهي، جتي رشوت ڪانهي، جتي اقرباپروري ڪانهي، جتي جهالت ڪانهي، جتي ماڻهن کي علاج جون سهولتون ميسر آهن، جتي ماڻهن کي امن ميسر آهي، جتي جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي ٿو پر هتي ڇا پيو وهي واپري، ڇهن سون واري شئي توهان جي حڪومت سٺ هزار رپين ۾ خريد ڪري رهي آهي، ٻين صوبن جا ماڻهو جڏهن اهڙيون ڳالهيون ٻڌندا ته توهان جي ڳالهين تي ڪهڙو اعتبار ڪندا، اها ڳالهه توهان کي سوچڻي آهي. بلاول صاحب، سنڌ ۾ جيڪا ڪرپشن، بدعنواني ۽ نااهلي جي بازار گرم آهي، حقيقت ۾ اها توهان جي وزارت عظميٰ حاصل ڪرڻ واري راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، توهان کي وفاق جي سياست ڪرڻي آهي جنهن جي شروعات توهان کي پنهنجي گهر يعني سنڌ کان ڪرڻي آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي گهر يعني سنڌ وارن کي سهڻي حڪومت نٿا ڏئي سگهو ته اهو ڪنهن ٻي جو نه پر توهان پنهنجو نقصان ڪري رهيا آهيو.هڪ طرف روشن سنڌ پروگرام جي بدعنواني سامهون آئي آهي ته ٻي طرف وري ملير ۾ سترهن سئو اڻٽيهه ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ نيب عدالت مختيارڪار محمد سالڪ ۽ تپيدارن عبدالعزيز، شاهد رضا، واحد بخش، زمان، لعل محمد ۽ فضل حسين کي ڏهه ڏهه سال قيد ۽ پنجاهه پنجاهه لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. نيب عدالت ملير جي فيصلي موجب جوابدارن قومي خزاني کي ٽي ارب رپين جو نقصان پهچايو آهي. مک جوابدار بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر آفتاب ميمڻ ۽ صابر کي هن ڪيس مان ڌار ڪيو ويو هو، آفتاب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي جڏهن ته صابر ڪوما ۾ هليو ويو آهي. هي آهن اسان جي نوجوان اڳواڻ بلاول جي سنڌ جا قصا.

                آفتاب ميمڻ سنڌ جي بهترين انسان ۽ بهترين ڪاموري سائين محمد هاشم ميمڻ جو پٽ آهي جيڪو اڻويهه سئو پنجاسي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جوان ڀاءُ شاهنواز ڀٽي جو فرانس مان لاش کڻايون پئي آئي، ملڪ ۾ جنرل ضياءُ جي قهري مارشل لا جو دور هجي، حڪمرانن کيس چيو ته جنازي نماز ۽ تدفين جي موقعي تي موئن جي دڙي کان لاڙڪاڻي ۽ لاڙڪاڻي کان ڳڙهي خدابخش تائين هزارين، لکين ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي، توکي جيڪو فورس گهرجي، امن جي بحالي لاءِ اسان توکي ڏيون. ذهين آفيسر محمد هاشم ميمڻ کين چيو ته بس، مونکي رڳو فري هينڊ ڏيو، مونکي وڌيڪ فورس نه گهرجي. هن نه رڳو وڌيڪ فورس وٺڻ کان انڪار ڪيو پر پوليس کي به چئي ڇڏيو ته اها رستن تي نظر نه اچي. هن ماڻهن کي آزادي ڏئي ڇڏي. لاڙڪاڻي ڏانهن سڀ رستا کولي ڇڏيا. ماڻهو بغير ڊاءُ ڊپ يا چيڪنگ جي لاڙڪاڻي پهتا. اسان به گاجي کهاوڙ مان ويگن ڪرائي آيا هئاسين، شهر جي ٻاهران رڳو ٻه پوليس وارا نظر آيا هئا. تن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ۾ سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن ٺاهي هئي، ميمڻ صاحب سان اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون، هو اسان جي دعوت تي اسان جي ڳوٺ به آيو جتي اسان سندس نالي تي لائبريري به قائم ڪئي هئي. علي اڪبر هنڱورو تن ڏينهن ۾ وارهه جو ايس ڊي ايم هوندو هو. هڪ ڀيرو کانئس پڇيو سون ته سائين توهان شاهنواز جي جنازي وقت ايڏي وڏي هجوم کي ڪنٽرول ڪيئن ڪيو؟ سندس چوڻ هو ته ماڻهو ڪاوڙيل ۽ ڏکارا هئا، هو جيڪڏهن هٿياربند فورس ڏسن ها ته وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچن ها جنهن ڪري ڪو به نقصان ٿي پئي سگهيو. اسان جڏهن کين فري هينڊ ڏنو ته شهر جي حفاظت سندن ذميواري بڻجي وئي. جنهن ڪري امن امان جو ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو. هو اڪثر ڪري لاڙڪاڻي شهر مان نڪري پوندو هو، ڊاڪٽر ايوب شيخ ٻڌائيندو آهي ته اوچتو فون ڪري چوندو هو ته جيڪڏهن ڪم نه اٿئي ته مون وٽ اچ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي هو غريبن جي مدد ڪندو هو. هو جڏهن بيمار ٿيو ۽ آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل هو ته مان کيس پڇڻ به ويو هئس. اسان جو هڪ دوست جڏهن آفتاب ميمڻ کي چئي رهيو هو ته تون ڪيڏي وڏي ماڻهو جو پٽ آهين  ٿورو پنهنجا ڪم ڏس، جنهن جي جواب ۾ هو چئي رهيو هو ته بابي اسان لاءِ ڇا ڪيو؟ هن وري کيس چيو ته تون جنهن راهه تي هلي رهيو آهي اها ڪيڏاهن ٿي وڃي، جنهن جو جواب وري وٽس اهو هو ته، پوءِ ڇا ٿي پيو، آصف علي زرداري به ته جيل ۾ آهي. هي آهي سائين محمد هاشم ميمڻ جي پٽ جي سوچ. اڄ هو اڊيالا جيل ۾ آهي! جڏهن ته سندس ساٿي صابر ڪوما ۾ هليو ويو آهي جيڪو نه مري ٿو ۽ نه جيئي ٿو. بلاول صاحب، عمران حڪومت تي جيتري وڻيو اوتري تنقيد ڪريو، جيترا وڻيو اوترا تير وسايو، اسان توهان سان گڏ آهيون، پر ٿوري نظر سنڌ حڪومت تي به ڪريو. بلاول صاحب، سنڌ توهان جي آهي، توهان به سنڌ کي پنهنجو ڪريو!

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *