ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. قومي ٽيم جي بيٽنگ لائن مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي ۽ کيس وائٽ واش کي منهن ڏيڻو پيو. پاڪستاني بيٽنگ لائن ٻئي اننگز ۾ به فلاپ ٿي وئي. ٽاپ آرڊر هليو نه ئي مڊل آرڊر بيٽنگ لائن کي سهارو ڏنو. پاڪستان جي سڄي ٽيم ٻئي اننگز ۾ 186 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.شان مسعود ٻڙي، عابد علي 26، حارث سهيل 15، فواد عالم 16، محمد رضوان 10، اظهر علي 37، فهيم اشرف 28 ۽ نائٽ واچ بيٽسمين محمد عباس به ٽن رنسن تي همت هاري ويٺو.نيوزيلينڊ جي فاست بالر ڪائل جيميسن ٻئي اننگز ۾ به بهترين بالنگ ڪئي ۽ 6 پاڪستاني رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. هن پهرين اننگز ۾ به پنج وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.پاڪستان پهرين اننگز ۾ 297 رنسون ٺاهيون ۽ نيوزيلينڊ پاڪستان جي خلاف پهرين اننگز 659 رنسون 6 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪئي هئي……

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *