واشنگٽن: آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ پنهنجي شڪست تي اليڪشن چوري ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، هاڻ هو نتيجا تسليم ڪرڻ بجاءِ پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي.آمرڪي صدر ڊونلڊٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ تذبذ جو شڪار نظر اچي رهيو آهي ۽ آمريڪي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو ڪو صدر پنهنجي شڪست تسليم ڪرڻ بجاءِ مزاحمت ڪري سگهي ٿو.چونڊ نتيجا اچڻ کانوٺي صدر ٽرمپ گهڻو وقت پنهنجي گلف ڪلب ۾ ڪٽنب، سياسي مشيرن ۽ مهمانن سان ملاقات ڪري رهيو آهي ۽ اهي سمورا ٽرمپ کي شڪست تسليم ڪرڻ جو چئي رهيا آهن.ٻئي طرف ٽرمپ تجويزن جي ابتڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي عدالت جو در کڙڪائڻ ۽ عوامي احتجاجي ريلين جي ذريعي ايندڙ نئين حڪومت جي خلاف مهم هلائڻ تي ويچار ڪري رهيو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *