اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گستاخ خاڪن تي فرانس سان سفارتي لاڳاپا وفاقي ڪابينا آڏو اُٿارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو آهي ته وفاقي ڪابينا عوامي جذبن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪري، جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت معاملي جي مذمت ڪئي ۽ فرانسيسي سفير کي به طلب ڪيو، پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ به عوام جي ترجماني آهي، عدالت معاملو وفاقي ڪابينا ڏانهن اُماڻيندي درخواست اُڪلائي ڇڏي، ملڪ ۾ فرانس ۾ خستاخ خاڪا شايع ٿيڻ تي ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي وئي آهي.

By admin

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *