مواخذي کي منهن ڏيندڙ اڳوڻو امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سزا کان بچي ويو، مواخذي کي منهن ڏيندڙ اڳوڻو امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سزا کان بچي ويو، امريڪي سينيٽ ٽرمپ کي بري ڪري ڇڏيو، 57 ميمبرن ٽرمپ کي ڏوهاري قرار ڏيڻ جي حق ۾۽ 43 ميمبرن مخالفت ۾ووٽ ڏنا، ٽرمپ مٿان 6 جنوري تي حامين کي پارليامينٽ تي حملي لاءِ اتساهڻ جو الزام هو، ڊيمو ڪريٽس جي طرفان ٽرمپ تي 6 جنوري تي پنهنجي حامين کي پارليامينٽ تي حملي لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام لڳايو هو، ياد رهي ته 100 سيٽس تي ٻڌل سينيٽ ۾ هن وقت ڊيمو ڪريٽ ۽ ري پبلڪن پارٽي جا 50، 50 ميمبرز آهن، صدر جي مواخذي يا ان کي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ايوان کي 67 ووٽن جي ضرورت هئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *