واشنگٽن  آمريڪا برما جي فوجي جنرل من آنگ هيلنگ بعد سندس ٻن ٻارن تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي، پابندي بعد سندن ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون. آمريڪا جي ناڻي واري وزارت جنرل من آنگ هلينگ جي ٻن مٿان پابندي برما ۾ فوجي بغاوت ۽ پرامن مظاهرين جي قتل جي رد عمل تي پابنديون لڳايون آهن. آمريڪي ناڻي واري وزارت مطابق پابندين جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پوري آمريڪا ۾ جنرل جي ٻنهي ٻارن جا بئنڪ اڪائونٽ ۽ اثاثا منجمد ڪيا ويندا. ياد هجي ته آمريڪا پاران برما ۾ فوجي بغاوت ڪرڻ جي الزام هيٺ فوج جي جنرل من آنگ هيلنگ مٿان اڳ ئي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *