شير محمد کهاوڙ

استعيفا ڏيڻ لاءِ به حياءُ ۽ شرم گهرجي، جيڪو ٽرمپ ۾ ڪونهي!
شير محمد کهاوڙ
ٻه هزار هڪ ۾ جڏهن نائين اليون وارا واقعا پيش آيا، جن ۾ ٽوئن ٽاور سان جهاز ٽڪرائجندي دنيا ڏٺا، عالمي دهشتگردي جي وڏي واردات ۾ به آمريڪي اختيارين ڪيپيٽل هل نالي عمارت کي بچائي ورتو هو ۽ عمارت ڏانهن وڌندڙ جهاز کي نشاني کان اڳ ڪيرايو هو.
ڪيپيٽل هل آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي، جنهن ۾ ڪانگريس سميت جمهوريت ۽ ملڪي سياست سان لاڳاپيل اهم دفتر موجود آهن، آمريڪي اختيارين نائين اليون ۾ ته هن عمارت کي عالمي دهشتگردي کان بچائي ورتو هو پر اربع ڇهه جنوري تي اها عمارت پنهنجي ئي ملڪ جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دهشتگردي کان بچي نه سگهي، جتي سندس چرچ تي هن جي حامين حملو ڪيو، عمارت جا شيشا ڀڳا، ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس تي هلان ڪري ٽرمپ جي حمايت ۽ چونڊ نتيجن جي خلاف نعريبازي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. ڪانگريس جي ميمبرن پنهنجن سيٽن هيٺان سمهي جان بچائي. جڏهن ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس کان بچاءُ لاءِ هنن گئس ماسڪ به پاتا. هن وڳوڙ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت چار ماڻهو مارجي ويا.
آمريڪا جي ايندڙ چئن سالن لاءِ چونڊيل صدر جو بائيڊن هن وڳوڙ کي بغاوت قرار ڏيندي ٽرمپ تي زور ڀريو ته هو سرڪاري ٽي وي تي اچي پنهنجن حامين کي چوي ته هو پنهنجن ڪاررواين کان باز اچن. جنهن کان پوءِ ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ پنهنجن حامين کي جن کي هن ڪيپيٽل هل ڏانهن وڌڻ جو چيو هو کين چيو ته هو پنهنجن گهرن ڏانهن هليا وڃن. پر پوءِ به هن پنهنجي هٺ ڌرمي تان هٿ نه کنيو ۽ چيو ته جيتوڻيڪ حقيقتون منهنجي حمايت ڪن ٿيون ان جي باوجود مان ويهه جنوري تي اقتدار جي منتقلي ۾ حصو وٺندس. جو بائيڊن وڳوڙ ۾ حصو وٺندڙن کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي. ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ وارن ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن جيڪي جو بائيڊن جي صدارت جي قسم کڻڻ تائين معطل رهندا.
هنن وڳوڙن کان پوءِ ڪانگريس جي سربراهه نينسي پلوسي چيو آهي ته ٽرمپ وڏو خطرناڪ ماڻهو آهي، جنهن ملڪ کي شديد ترين هنگامي صورتحال جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته هو آمريڪا جي صدارت تان استعيفا ڏئي. جيڪڏهن سندس ساٿي آمريڪي آئين جي ترميمي شق پنجويهه جو استعمال نٿا ڪن ته پوءِ ٽرمپ جو مواخذو ڪيو ويندو. ياد رهي ته ٻه هزار اٺ جي چونڊن ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت صدر جنرل پرويز مشرف کان استعيفا جو مطالبو ڪيو هو ۽ جڏهن هو صدارت جو عهدو ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿيو ته پوءِ پيپلز پارٽي سندس مواخذي جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن کان ڊڄي هن استعيفا ڏني هئي. آمريڪي آئين جي ترميم شق پنجويهين نائب صدر کي اهو اختيار ڏئي ٿي ته جيڪڏهن صدر ڪنهن به ذهني يا جسماني بيماري جي ڪري پنهنجا فرض سرانجام نٿو ڏئي سگهي ته سندس ذميواري نائب صدر سنڀاليندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پارليامينٽ کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ذهني بيماري، چريو يا بيوقوف هجڻ جي خبر تڏهن پئي آهي جڏهن سندس صدارت واري مدي ۾ باقي وڃي يارهن ڏينهن بچيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي عالمي سطح جا اڳواڻ ۽ ڏاها کيس اقتدار جون واڳون سنڀالڻ کان وٺي بيوقوف ۽ چريو ڪوٺيندا پئي رهيا آهن پر آمريڪي سياستدانن کي هاڻي ٿي اها ڪل پوي.
ايران جي فوجي اڳواڻ قاسم سليماني ۽ سندس ساٿين کي عراق ۾ قتل ڪرائڻ سميت دنيا ۾ بدامني جون جڏهن هن ڪيتريون ئي وارداتون ڪرايون تڏهن به آمريڪي ڪانگريس کيس ذهني مريض يا چريو قرار نه پئي ڏنو پر جڏهن سندس بڇ تي اربع تي ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ رڳو چار آمريڪي مارجي ويا ۽ ٻاونجاهه ورهين کان پوءِ واشنگٽن ۾ ڪرفيو لڳو ته آمريڪي عوام کي خبر پئي ته سندن ملڪ جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ چريو ٿي ويو آهي جيڪو هاڻي صدارت جي قابل نه رهيو آهي. هن واردات کان پوءِ سندس ڪابينا جي ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري الين چائو پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، ياد رهي ته آمريڪا ۾ وزير کي سيڪريٽري چوندا آهن، ان سان گڏ سندس ۽ خاتون اول جي اسٽاف جي ڪيترن ئي عملدارن پڻ استعيفائون ڏنيون آهن.
آمريڪا جي تاريخ وڏي تشدد ۽ وڳوڙ سان ڀريل آهي، اسان جيڪڏهن ٻه سئو سال پٺتي وينداسين ته اسان کي اتي ٿيندڙ تشدد جا واقعا پڙهي ڏندين اڱريون اچي وينديون پر اتي آخري ڀيرو ڪرفيو اڻويهه اٺهٺ ۾ لڳو جڏهن چار اپريل تي سياهه فام اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ کي قتل ڪيو ويو هو ته سڄي آمريڪا ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا هئا ۽ هڪ سئو ڏهه شهر متاثر ٿيا هئا ۽ ارڙهن سئو چوڏهن ۾ جڏهن برطانيا آمريڪا تي قبضو ڪيو ته ان وقت به ڪيپيٽل هل کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر برسات سبب ائين نه ٿي سگهيو هو. ڇهه جنوري جي واقعن کان پوءِ آمريڪي ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جي ميمبرن طرفان صدر ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي جنهن لاءِ آئين جي ترميمي شق پنجويهه تي عمل ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي پر ان مقصد لاءِ آمريڪي صدر مائيڪ پُينس ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽرمپ ڪابينا جي اٺ ميمبرن کي ٽرمپ کان علحدگي اختيار ڪرڻي پوندي. اهي به اطلاع ملي رهيا آهن ته ڪانگريس جا نه رڳو ڊيموڪريٽڪ ميمبر پر ٽرم جي ريپبلڪن پارٽي جا ميمبر به سندس مواخذي واري مطالبي جي حمايت ڪري رهيا آهن ڇو ته اهي به سمجهن ٿا ته ٽرمپ جي بيوقوفي جي ڪري ڇهه جنوري تي سڄي دنيا ۾ آمريڪا، ڪانگريس ۽ جمهوري ادارن تي ڪاهه جي ڪري بدنامي ٿي آهي.
صدر ٽرمپ جيڪڏهن خاموشي اختيار ڪري ها ته سندس اقتدار خاموشي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ها پر عزت سندس نصيب ۾ نه هئي. هن اقتدار جي چئن ورهين دوران مختلف قسم جي بهانن سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهو مارايا پر ويندي ويندي هن پنهنجا شهري به مارايا ۽ گادي واري شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري دنيا کي ٻڌايو ته آمريڪا ۾ به امن نه رهيو آهي. جتي به ڪنهن جون حياتون محفوظ ڪونهن.جڏهن ڪيپيٽل هل جهڙي تاريخي عمارت محفوظ ڪانهي باقي عام شهرين جا گهر ڪيئن محفوظ هوندا! ٽرمپ جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي بيعزتي ٿي سگهي ٿي ته جڏهن هو ڇهه جنوري تي پنهنجن حامين کي چئي رهيو هو ته چونڊ جي نتيجن کي ٻاهر ڦٽو ڪريو ته مخالفن کان اڳ سندس پنهنجو ئي نائب صدر مائيڪ پُينس چئي رهيو هو ته صدر ٽرمپ کي اهڙين ڳالهين ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي جنهن جو عهدو رڳو هاڻي علامتي رهجي ويو آهي. مطلب اهو ته هاڻي سندس چوڻ تي ڪجهه به نه ٿيندو. ايترين سارين ڳالهين جي باوجود صدر ٽرمپ استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي، هو صدارت واري عهدي کي اسٽيڪر جيان چنبڙيو پيو آهي. هونئن به استعيفا ڏيڻ لاءِ حياءُ ۽ شرم گهرجي، جيڪو ٽرمپ وٽ ڪونهي!

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *