پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش

سکر (بيورو رپورٽ) آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش، خورشيد شاهه کي اسپتال مان ايمبولينس ذريعي عدالت پهچايو ويو، صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوابدار به عدالت آڏو پيش، خورشيد شاهه جي پيشيءَ جي موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران جيالن جو احتجاج، جيالن طرفان نيب خلاف ۽ خورشيد شاهه جي حمايت ۾ نعريبازي، عدالت ٻاهران مظاهري دوران جيالن طرفان خورشيد شاهه کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي