هزارا برادري جون گهرو وزير شيخ رشيد سان به ڳالهيون ناڪام ٿي ويون

سبي ( رپورٽر) بلوچستان جَي علائقي مچ ۾ 11 پورهيتن جَي قتل خلاف ڪوئيٽا ڀرسان باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ويٺل هزارا برادري جون گهرو وزير شيخ رشيد سان به ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. خاطرين باوجود مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هزارا برادري شيخ رشيد کي چيو ته وزيراعظم هتي اچي ۽ پاڻ معاملا ڏسَي، شيخ رشيد پاران مچ واقعي جِي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميٽي جوڙڻ ۽ مقتولن جَي وارثن لاءِ 25-25 لک رپيا معاوضَي جو اعلان ڪيو. ڌرڻي دوران شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جو پيغام آهي ته مچ واقعي جَي ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين، دهشتگردن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو ويندو، مچ واقعي خلاف سکر، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به مجلسِ وحدت المُسلمين جا ڌرڻا جاري آه